اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ بيمارين جي بار ۽ خطرن ک?? گهٽ ڪرڻ جي لاءِ احتياطي تدبيرن جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جو صحت جو شعبو 22 ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي جي ضرورتن ک?? پورو ڪرڻ کي برداشت ??ه ٿو ڪري سگهي، ان ڏس ۾ متعدي ۽ غيرمتعدي بيمارين جي روڪٿام تي ڌيان ڏيڻ ضروري آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ميڊيڪل ڪاليج مظفرآباد (اي جي ڪي ايم سي) جي شاگردن سان ڳالهائيندي ڪيو جن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر شاگردن جي آجيان ڪندي چيو ته دنيا تمام تيزي سان بدلجي رهي آهي ۽ ملڪ جي تعليمي نظام کي شاگردن جي تجزياتي صلاحيتن ک?? بهتر بڻائڻ تي ڌيان ڏئي تبديل ٿيندڙ حالتن موجب آڻڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته شاگردن ک?? پنهنجي آءِ ٽي جي مهارتن ک?? بهتر بڻائڻ گهرجي ڇو ته آءِ ٽي زندگي جي هر پي??ي ۾ وسيع استعمال ٿيندي. صدر وڌيڪ چيو ته نرسنگ جو پي??و تمام اهميت ۽ وسعت رکندڙ آهي ۽ ملڪ کي نرسنگ ۽ پي??ا ميڊيڪل اسٽاف جو انگ وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان ک?? نرسن جي کوٽ جي صورتحال درپيش آهي ڇو ته ان ک?? 9 لک نرسن جي ضرورت آهي جڏهن ته هن وقت ملڪ ۾ رڳو 2 لک نرسون ڪم ڪري رهيون آهن جيڪي وڌندڙ آبادي جي صحت جي ضرورتن ک?? پورو ڪرڻ کان قاصر آهن. تعليم جي اهميت تي زور ڏيندي صدر چيو ته صحيح تعليم کانسواءِ ترقي حاصل ??ه ٿي ڪري سگهجي، شاگرد محنت ڪن ۽ انسانيت جي خدمت جي لاءِ پنهنجو پي??و جاري رکن. ان موقعي تي صدر گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين انهن جي اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جي پاڪستان جي عزم کي ورجايو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عالمي ميڊيا کي ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي ذريعي ڪيل ظلمن ک?? اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار کي عالمي فورم تي اٿاري رهيو آهي ته جيئن ڀارت ج?? اصل چهري کي بي نقاب ڪري سگهجي جيڪو انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ مسلمانن ۽ ٻين اقليتن تي ظلم ۽ ڏاڍ ۾ ملوث آهي. اي جي ڪي ايم سي جي پرنسپل پروفيسر ڊاڪٽر غلام حسين بخاري صدر کي 2011ع ۾ ڪاليج جي قائم ٿيڻ کانپوءِ شاگردن ک?? ميڊيڪل جي تعليم فراهم ڪرڻ جي ڪردار بابت ٻڌايو. هن چيو ته ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جا شاگرد پڻ تعليم هيٺ آهن. هن ٻڌايو ته ڪاليج ٻو?? کان متاثر علائقن جي ماڻهن لاءِ 2 ڪروڙ رپيا عطيو ڪيا آهن ۽ دادو ضلعي ۾ متاثرين جي لاءِ 32 گهر پڻ تعمير ڪيا پي?? وڃن.
متعلقہ مضامین
-
ڈنر فوڈ آفیشل تفریحی ویب سائٹ
-
افسانوی بندر بادشاہ کی سرکاری تفریحی ویب سائٹ
-
Virtual Football League Entertainment کی آفیشل ویب سائٹ
-
Senate committee to discuss performance of industries ministry
-
PM flaunts successes, shams opponents
-
More rains likely across Pakistan today
-
PTI will focus on accountability, devolution of power in Kashmir: Imran
-
Zardari greets nation on advent of Ramazan
-
Three killed, 12 injured in Thatta road mishap
-
Fire destroys shopping center in Karachi
-
More troops to ensure 24 hour curfew in Indian held Kashmir
-
No conflict in Kerry, Pentagon’s statement on Haqqani network: Kirby